پير عبدالرحمان

پير عبدالرحمان: وڏو مذهبي عالم ۽ پاڪستان جي تحريڪ جو اڳواڻ، پير عبدالرحمان 1892ع ڌاري ڀرچونڊي شريف، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو. قرآن پاڪ جي تحصيل کان پوءِ مولانا سراج احمد خانپوريءَ کان نحو ۽ فقھ جا ڪتاب پڙهيائين. باقي تعليم ميانواليءَ جي مولانا عبدالڪريم کان حاصل ڪيائين. هن انگريزن خلاف تحريڪ ۾ هر ممڪن حصو ورتو. سندس ڏاڏو حافظ محمد صديق علمي بصيرت رکندڙ برک عالم هو، جنهن وٽان مولانا تاج محمود امروٽيءَ ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جهڙن بزرگن به فيض حاصل ڪيو هو. ان ڪري هن به 1925ع ۾ مسند نشينيءَ کان پوءِ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۾ وعظ ڪري اسلامي تعليم پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ان مقصد لاءِ هن پير علي محمد شاهه راشدي، جي. ايم. سيد، خان بهادر محمد ايوب کهڙي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان به ملاقات ڪئي. 17 اپريل 1946ع تي آل انڊيا سُني ڪانفرنس بنارس ۾ منعقد ٿي ته ان ۾ پنهنجي 150 مريدن سان گڏ شرڪت ڪيائين. مسجد منزل گاهه سکر واري واقعي ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ ان سلسلي ۾ گرفتار به ٿيو هو.
پير عبدالرحمان 30 اپريل 1960ع تي وفات ڪئي.


لفظ پير عبدالرحمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.00.00  عيسوي

پير عبدالرحمان 1892ع ڌاري ڀرچونڊي شريف ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو


1960.04.30  عيسوي

پير عبدالرحمان 30 اپريل 1960ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهانداد خان ليفٽينينٽ جنرل
ٻانڀڻ
عاشق حسين سمراٽ
بحر وڇاڻي
سنڀو مل هميراڻي
پارپتي رامڪرشن آڏواڻي
صفائي بکري
پشپا ڀاوناڻي
ارجن داس
رحيم خان پرانگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون